مير ٺارو خان ٽالپر

مير ٺارو خان ٽالپر : ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪندڙ فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر هو. سندس پهريون ساٿي خيرپور ميرس وارو مير سهراب خان ٽالپر ۽ ٻيو ساٿي ميرپور خاص وارو مير ٺارو خان ٽالپر هو. مير فتح علي خان تخت تي ويهڻ سان ئي ماحول کي مد نظر رکندي سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهايو. چار حصا مير فتح علي خان پنهنجي ۽ پنهنجن ڀائرن (مير غلام علي خان ٽالپر، مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر) لاءِ رکيا، ٻه حصا خيرپور واري مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو ميرپور واري مير ٺاري خان کي ڏنائين. مير ٺارو خان ماڻڪاڻي ميرن مان هو. مير ٺارو، مير فتح خان جو پٽ ۽ مير مسو خان جو پوٽو هو. مير ٺاري جي شادي حيدرآباد جي شهداداڻي ميرن مان ٿي، سندس گهر واري شهيد مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر جي نياڻي ۽ مير عبدالله خان جي ڀيڻ هئي. مير صاحب کي هن مان ٽي پٽ هئا، مير غلام حيدر خان، مير علي مراد خان ۽ مير غلام الله خان، وڏو ڀاءُ مير غلام حيدر هو، پر مير ٺاري خان ۽ مير غلام حيدر خوشي سان حڪومت مير علي مراد خان کي ڏني. مير ٺاري خان ۽ مير غلام علي خان جي وچ ۾ جنگ پڻ لڳي هئي، جنهن ۾ مير غلام علي خان فتح ماڻي ۽ مير ٺارو زخمي ٿي پيو، جنهن بعد مير غلام علي خان کيس حيدرآباد جي قلعي ۾ وٺي آيو ۽ ٺيڪ ٺاڪ ٿيڻ بعد کيس تمام عزت سان ميرپورخاص روانو ڪيائين. مير ٺاري خان 1245هه/ 1829ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس ماڻڪاڻي ٽالپرن جي قديم قبرستان ’چٽوڙي‘ تعلقي ميرپور خاص ۾، جيڪو شهر کان 16 ميل اتر طرف آهي ۾ دفنايو ويو.


لفظ مير ٺارو خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو